Vous êtes sur la page 1sur 8

‫ن الَّر ِ ۡ‬

‫حيم‬ ‫رحمٰ ِ‬
‫سم ِ اللهِ ال َّ ۡ‬
‫بِ ۡ‬

‫درس ‪1‬‬
‫دين اسلم ۽ سندس تعليمات‬
‫جو تعارف‬
‫دين‪:‬‬
‫ٰ‬
‫تعالي جي طرفان‪،‬‬ ‫الله تبارڪ و‬
‫انبياءَ عليهم السلم ذريعي‪،‬‬
‫ڪامياب زندگي گذارڻ خاطر‪،‬‬
‫انسانن لءِ موڪليل‪،‬‬
‫هدايت (‪ )Guideline‬کي دين چئجي ٿو‪.‬‬
‫ن اسلم‪:‬‬ ‫دي ِ‬
‫الله تبار ڪ و تعالى جي طرفان‪ ،‬حضرت محمد مصطفى صلي الله عليہ و آلہٖ وسلم تي نازل ڪيل‬
‫دين ۽ شريعت جو نالو اسلم آهي‪.‬‬
‫اسلمي تعليمات‪:‬‬
‫سعادت واري (ڪامياب ) زندگي گذار ڻ يعني غلطين کان بچ ڻ لء ِ انسان جون ٽي شيون‬
‫درست هُجڻ لزمي آهن‪:‬‬
‫انسان جي سوچ درست هُجي‪،‬‬
‫ڪم صحيح هُجن‪،‬‬
‫۽ عادتون ڀليون هُجن‪.‬‬
‫جيئن ته اسلم‪ ،‬انهن ٽنهي شعبن ۾ انسانن جي رهنمائي ڪري ٿو‪ ،‬ان ڪري اسلمي‬
‫تعليمات پ ڻ ٽن حصن۾ ورهائجي ٿي‪:‬‬
‫(‪ )1‬عقيدا‪:‬‬
‫انسان جي جنهن سوچ جو تعلق سعادت سان آهي‪ ،‬انکي درست ڪ ر ڻ ۽ درست حالت۾‬
‫باقي رکڻڻ خاطر اسلم ڪ جهه عقيدا بيان ڪ ري ٿو‪ ،‬جن تي ايمان سان انسان سوچ ۾‬
‫غلطي کان بچي وڃي ٿو آهي‪.‬‬
‫(‪ )2‬اَح ڪام‪:‬‬
‫انسان جي جن ڪمن جو تعلق سعادت سان آهي‪ ،‬انهن سڀني کي صحيح ڪر ڻ ۽ صحيح‬
‫حالت ۾ باقي رک ڻ خاطر‪ ،‬اسلم پنهنجي رهنمائي (واجب‪ ،‬حرام‪ ،‬مست َ َ‬
‫حب‪ ،‬مڪروه ۽۽ مباح)‬
‫بيان ڪ ري ٿو‪ ،‬جن تي عمل ڪ ر ڻ سان انسان انهن عملن۾ غلطيءَ کان بچي وڃي ٿو‪.‬‬
‫(‪ )3‬اَخلق‪:‬‬
‫انسان جي جن عادتن جو تعلق سعادت سان آهي‪ ،‬انهن کي ڀلو ڪ ر ڻ ۽ ڀلي حالت۾ باقي‬
‫رک ڻ خاطر اسلم ڪجهه اخلقي هدايتون بيان ڪري ٿو‪ .‬جن کي پنهنجي اندر پيدا ڪري‪،‬‬
‫انسان پنهنجون عادتون ڀليون ڪري سگهي ٿو‪.‬‬

‫اسلم جو مثالي انسان‪:‬‬


‫اسلم پنهنجي تعليمات ذريعي هڪ مثالي ۽ ڪامياب انسان ٺاهڻ چاهي ٿو‪ ،‬جنهن جا ‪:‬‬
‫_ عقيدا درست هجن‪ ،‬ته جيئن سوچ صحيح هجيس‪.‬‬
‫_ عمل ٺيڪ هجن‪ ،‬ته جيئن عمل ۾ ڪا غلطي نه هجي‪.‬‬
‫_ ۽ اخلق ڀلو هجي ته جيئن سندس عادتون چڱيون ٿين‪.‬‬

‫بنيادي عقيدا‪:‬‬
‫هر ٻار جڏهن وڏ و ٿي عقل جي منزل ۾۽ قدم رکي ٿو ته سندس ذهن ۾۽ خودبخود ڪجھ‬
‫سوال اڀرن ٿا ته‪:‬‬
‫•مان ڪٿان آيو آهيان! يعني منهنجو خالق ڪير آهي؟‬
‫•مان ڇو خلقيو ويو آهيان! يعني منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟‬
‫•مان ڪٿي آهيان! يعني دنيا جي حقيقت ڇا آهي؟‬
‫•مان ڪيڏانهن ويندس! يعني آخرت ڇا آهي؟‬
‫انهن فطري سوالن جا جواب ڏي ڻ لءِ اسلم پنج بنيادي عقيدا بيان ڪري ٿو‪ ،‬جن کي‬
‫”اصول دين “پڻ چيو ويندو آهي‪:‬‬

‫مبداء شناسي‪:‬‬
‫عدل‬ ‫(‪)2‬‬ ‫(‪)1‬توحيد‬
‫راه شناسي‪:‬‬
‫امامت‬ ‫( ‪)4‬‬ ‫نبوت‬ ‫(‪)3‬‬
‫معاد شناسي‪:‬‬
‫قيامت‪.‬‬ ‫(‪)5‬‬
‫(تفصيل عقائد جي حصي ۾ پڙهندا)‬

‫بنيادي اح ڪام‪:‬‬
‫ڪامياب زندگيء َ خاطر اسلمي حڪ م زندگي جي هر عمل ۾ رهنمائي مهيا ڪ ن ٿا‪ .‬اسلم‬
‫فرد ۽ معاشري تي جيڪ ي اهم فرض لڳ و ڪري ٿو‪ ،‬انهن مان مشهور ‪ 10‬آهن‪ ،‬جن کي‬
‫”فروع دين“ چوندا آهن‪.‬‬

‫روحاني ڪمال حاصل ڪرڻ ۽ معاشري کي پڻ روحاني بنيادن تي قائم ڪرڻ لءِ اسلم ڪجھ‬
‫عبادتون فرض ڪيون آهن ‪ ،‬انهن مان اهم عبادتون ٽي آهن‪:‬‬
‫(‪ )3‬حج‬ ‫(‪ )2‬روزو‬ ‫(‪ )1‬نماز‬
‫روحاني ڪمال حاصل ڪر ڻ ۽ معاشري جون اقتصادي ضرورتون پوريون ڪر ڻ لءِ اسلم‬
‫ڪجھ اقتصادي عبادتون فرض ڪيون آهن‪ ،‬جن مان اهم ٻه آهن‪:‬‬
‫(‪ )5‬خمس‬ ‫(‪ )4‬ز ڪواة‬
‫الله تعالى جي پيغام کي دنيا تائين پهچائڻ ‪ ،‬انکي بيروني ۽ اندروني خطرن کان بچائ ڻ لءِ‪،‬‬
‫اسلم ڪجھ فرض لڳو ڪيا آهن‪ ،‬جن مان اهم ٽي آهن‪:‬‬
‫(‪ )8‬نهي عن المن ڪر‬ ‫(‪ )7‬امر بالمعروف‬ ‫(‪ )6‬جهاد‬
‫اسلمي معاشرو ٺاه ڻ ۽ برقرار رک ڻ لءِ دين ڪج ھ فرض لڳ و ڪيا آهن‪ ،‬جن مان اهم ٻه‬
‫آهن‪:‬‬
‫(‪ )10‬برائت‪.‬‬ ‫(‪ )9‬وليت‬
‫(تفصيل احڪام جي حصي ۾ پڙهندا)‬

‫بنيادي اخلق‪:‬‬
‫انسان وٽ عقل‪ ،‬وهم‪ ،‬خواهش ۽ غضب نالي چار روحاني توانايون موجود آهن‪.‬‬
‫جي ڪڏهن عقل صحيح ڪم ڪ ري ته انسان۾ ” ڏاهپ“ پيدا ٿيندي‪.‬‬
‫جي ڪڏهن وهم جي قوت تي عقل غالب هجي ته انسان۾ ”عدالت“ پيدا ٿيندي‪.‬‬
‫عفت“ پيدا ٿيندي‪.‬‬ ‫جي ڪڏهن خواهش جي قوت تي عقل غالب هجي ته انسان۾ ” ِ‬
‫”شجاعت“ پيدا ٿيندي‪.‬‬ ‫َ‬ ‫جي ڪڏهن غضب جي قوت تي عقل غالب هجي ته انسان۾‬
‫اهڙي طرح انهن بنيادي اخلقي صفتن مان وري ٻيون اخلقي صفتون پيدا ٿينديون ۽‬
‫انسان جا سڀئي اخلق ڀل ٿي پوندا‪.‬‬
‫(تفصيل اخلق جي حصي ۾ پڙهندا)‬
‫هي ُء جيئن ته عقيدن جو ڪتاب آهي انڪري هتي صرف بنيادي ۽ ابتدائي عقيدا بيان ڪيا‬
‫ويندا‪.‬‬
‫عقيدو‪:‬‬
‫مان نڪتل آهي‪ ،‬جنهن جي معنى آهي ڳنڍ۽ “‬ ‫”عَقد“‬ ‫”عقيدو“ عربي زبان جي لفظ‬
‫‪ .”Node‬عقيدو اهڙين نظرين ۽ سوچن کي چئبو آهي جن جي مضبوط ڳن ڍ انسان جي‬
‫ذهن سان ٻڌل هجي ۽ اهي خود بخود ذهن کان جدا نه ٿين‪.‬‬

‫درس ‪2‬‬
‫الله تعالى جي معرفت‬

‫الله تعالى جي معرفت کي اسان پنجن حصن ۾ بيان ڪندا سين‪:‬‬


‫(‪)1‬الله تعالى جو وجود‬
‫(‪)2‬الله تعالى جون صفتون‬
‫(‪)3‬الله تعالى جي هيڪڙائي (توحيد)‬
‫(‪)4‬الله تعالى سان شرڪ‬
‫(‪)5‬الله تعالى جي حڪمت ۽ عدل‬
‫الله تعالى جو وجود‬
‫خمسہ ذريعي محسوس نٿو ڪري سگھجي‪ ،‬البت عقل‬ ‫الله تعالى جي وجود کي حواس َ‬
‫سندس اثرات کي ڏسي الله تعالى جي وجود کي ثابت ڪري ٿو‪ .‬اهڙي قسم جو هڪ عقلي‬
‫دليل اسان هتي بيان ڪريون ٿا‪:‬‬

‫عقلي قاعدو‪:‬‬
‫عقل فيصلو ڪري ٿو ته‪:‬‬
‫” جيڪا شيءِ نه هُجي ته اها وجود ۾ اچڻ لءِ‪ ،‬وجود عطا ڪندڙ جي محتاج آهي‪“ .‬‬
‫جي ڪا شيءِ نه هج ڻ کان پوءِ وجود ۾ اچي ان کي مخلوق (خلق ٿيل) چئبو آهي ۽ وجود‬
‫ڏيند ڙ کي خالق چئبو آهي‪ .‬انڪري اسان مٿئين قاعدي کي مختصر لفظن ۾ هن طرح پڻ‬
‫بيان ڪري سگھون ٿا ته‪:‬‬
‫”مخلوقَ‪ ،‬خالق جي محتاج آهي‪“ .‬‬

‫ء مثال‪:‬‬‫عقلي قاعدي کي سمج ھڻ ل ِ‬


‫•گھر مان ن ڪرندڙ دونهين کي ڏسي هر ڪو ما ڻ هو يقين سان چوندو ته گھر۾ باه‬
‫پئي ٻري‪.‬‬
‫•رستي تي پيرن جا نشان ڏسي پڪ ٿيندي آهي ته هتان ڪير گذريو آهي ‪.‬‬
‫•هلند ڙ ڪار ۽ سائيڪ ل ڏسي يقين ٿيندو آهي ته انهن کي ڪنهن نه ڪنهن ٺاهيو‬
‫آهي ‪.‬‬
‫جيڪڏهن ڪير چوي ته گھ ر ما ن دونهون باه کانسواء ِ پيو نڪري‪ ،‬رستي تي پيرن جا نشان‬
‫پا ڻ ئي ٺهي ويا آهن ۽ ڪار ۽ سائيڪ ل جو ڪ و به ٺاهيند ڙ ناهي ته هر ڪ و ان کي بي عقل‬
‫چوندو‪.‬‬

‫ڪائنات جو مشاهدو‪:‬‬
‫جڏهن اسان ڪائنات جو مشاهدو ڪندا سين ته نظر ايندو ته ان جي هر شيءِ مخلوق‬
‫آهي‪ ،‬مثل‪ :‬زمين‪ ،‬آسمان‪ ،‬حيوان‪ ،‬سج‪ ،‬چنڊ‪ ،‬تارا‪ ،‬درياءَ‪ ،‬وڻ ۽ جبل وغيره‪ ،‬جيئن ته‪:‬‬
‫مرڪب آهن‪،‬‬ ‫ُ‬
‫انهن ۾ حرڪت آهي‪،‬‬
‫انهن۾ تبديلي اچي ٿي‪،‬‬
‫۽ انهن تي زوال اچي ٿو‪.‬‬
‫ان مان ثابت آهي ته اهي نه هيا‪ ،‬پوءِ موجود ٿيا آهن يعني مخلوق آهن‪.‬‬

‫الله تعالى جي وجود تي دليل‪:‬‬


‫ها ڻ ي اسان مٿئين مشاهدي ۽ ٻڌايل قاعدي کي پا ڻ۾ مليون ٿا‪:‬‬
‫”ڪائنات مخلوق آهي‪“.‬‬ ‫اسان جو مشاهدو‪:‬‬
‫”مخلوقَ‪ ،‬خالق جي محتاج آهي‪“ .‬‬ ‫عقلي قاعدو‪:‬‬
‫ان فڪر جو نتيجو هيءُ آهي ته ڪائنات هڪ خالق جي محتاج آهي‪ .‬سموري ڪائنات جي‬
‫خالق کي ”الله“ چيو ٿو وڃي‪.‬‬

‫الله تعالى جي وجود تي اعتراض‪:‬‬


‫اعتراض ‪:1‬‬
‫جيڪڏهن الله موجود آهي ته اسان کي ڏيکاريو‪ ،‬جيڪ ا شيءِ نظر نه اچي‪ ،‬ان کي اسان‬
‫ڪيئن مڃون؟‬
‫جواب‪:‬‬
‫حواس‬‫اسان پنهنجي زندگي ءَ ۾ ڪيترين ئي اهڙين شين کي تسليم ڪندا آهيون‪ ،‬جيڪ ي َ‬
‫خمس ہ (ڏسڻ ‪،‬ٻڌڻ ‪ ،‬چک ڻ ‪ ،‬سنگھڻ ۽ ڇهڻ)۾ نٿيون اچن‪ ،‬مثال طور‪:‬‬
‫َ‬
‫عقل‪ ،‬علم‪ ،‬خوف‪ ،‬خوشي ‪ ،‬غم ۽ نفرت وغيره‬
‫اهي شيون موجود آهن پر حواس خمس ہ ۾ نٿيون اچن‪ ،‬البت سندن اثرات کي ڏسي عقل‬
‫سندن موجودگيءَ جي خبر ڏئي ٿو‪ .‬اهڙ ي طرح الله تعالى به موجود آهي‪ ،‬پر حواس‬
‫خمسہ ۾ نٿو اچي‪ ،‬البت سندس اثرات کي ڏسي‪ ،‬عقل سندس وجود کي ثابت ڪري ٿو‪.‬‬
‫اعتراض ‪:2‬‬
‫تعالي جو خالق ڪير آهي؟‬
‫ٰ‬ ‫جيڪڏهن هر شيءَ‪ ،‬خالق جي محتاج آهي‪ ،‬ته پوءِ الله‬
‫جواب‪:‬‬
‫ء خالق جي محتاج آهي‪ ،‬بلڪ عقل چوي ٿو ته جي ڪا‬ ‫عقل اهو فيصلو نٿو ڪري ته هرشي ِ‬
‫ء موجود ٿئي ته ان لءِ خالق ضروري آهي‪ .‬انڪري جيڪ ا شيءِ نه‬ ‫ء نه هجي پو ِ‬‫شي ِ‬
‫هج ڻ مان موجود نه ٿي هجي‪ ،‬بل ڪ هميش ہ موجود هجي ته ان کي خالق جي ڪ ا ضرورت‬
‫ناهي‪.‬‬
‫الله تعالي ٰ ه ڪ اهڙ و موجود آهي‪ ،‬جنهن جو وجود هن جو پنهنجو آهي‪ ،‬ڪنهن ٻئي هن کي‬
‫وجود نه ڏنو آهي‪ ،‬انڪري هميشہ موجود آهي ۽ هن کي ڪنهن خالق جي ضرورت ناهي‪.‬‬

‫درس ‪3‬‬
‫پهريون موجود‬

‫سموري ڪائنات جو سرچشمو يعني ”الله“ ”پهريون“ “موجود““ آهي ۽۽ ٻيا سڀ‬
‫موجودات ان جا ئي خلقيل آهن‪ .‬عقل مطابق پهرئين موجود جون ڪجھ۽ لزمي‬
‫خصوصيتون ٿينديون آهن‪ .‬جيڪي هن ريت آهن‪:‬‬

‫مستقل (‪)Self sufficient‬آهي ۽ محتاج ناهي‪:‬‬


‫‪)1‬وجود ۾ محتاج ناهي‪ :‬يعني سندس وجود پنهنجو هوندو ۽ ڪنهن ٻئي هنکي‬
‫وجود نه ڏنو هوندو‪.‬‬
‫ٻي صورت ۾ هو پهريون موجود نه ٿيندو‪ .‬جنهنجو وجود پنهنجو هجي انجو هجڻ‬
‫لزمي هوندو آهي انڪري انکي ”واجب الوجود“ پڻ چيو ٿو وڃي‪.‬‬
‫‪)2‬صفات ۾ محتاج ناهي‪ :‬يعني سندس سموريون صفتون (ڪمالت) پنهنجون‬
‫هونديون ۽ ڪنهن ٻئي هنکي نه ڏنيون هونديون‪.‬‬
‫ٻي صورت ۾ يا ته هو پهريون موجود نه هوندو يا وري پنهنجي مخلوق جو محتاج‬
‫ٿي پوندو‪ ،‬جيڪو محال آهي‪.‬‬

‫ازلي ۽ ابدي‪:‬‬
‫‪)1‬سندس ڪا ابتدا ناهي(ازليت)‪:‬‬
‫جيڪڏهن ابتدا رکندڙ۽ هوندو ته يقيني طور ڪنهن ٻئي جي مخلوق هوندو ۽۽ اول‬
‫موجود نه هوندو‪.‬‬
‫‪)2‬سندس ڪا انتها ناهي(ابديت)‪:‬‬
‫ڪنهن موجود لءِ انتها ان ڳالهه جو دليل آهي ته کيس ڪنهن ٻئي وجود ڏنو هيو‪،‬‬
‫جيڪو هاڻي واپس ورتو ويو آهي‪.‬‬
‫جيڪڏهن وجود سندس پنهنجو هجي ها ته ان کان ڌار نه ٿي سگھي ها‪.‬‬
‫ڪمال ُ ۡ‬
‫مطلَق‪:‬‬
‫هن ۾ ڪمال جون سڀ صفتون لمحدود پيماني تي موجود آهن‪.‬‬
‫جي ڪ ي ڪ مالت مخلوق ۾ محدود پيماني تي موجود آهن‪ ،‬اهي يقيني طور انجي خالق۾‬
‫اتم ۽ اعلى پيماني تي موجود هوندا آهن‪.‬‬

‫نقص جي ا ڻاٺ‪:‬‬
‫هن ۾ ڪنهن به ڪمال جي ڪمي ناهي‪.‬‬
‫جيئن ته الله تعالى صرف ”موجود“ آهي انڪري ڪا حد ۽ نقص نٿو رکي‪.‬‬

‫درس ‪4‬‬

‫الله تعالي ٰ جون صفتون‬

‫الله تعاليٰ ۾ ڪمال جون سڀئي صفتون آهن‪ ،‬انهن کي ِ‬


‫صفات ثُبُوت ِ َّيہ چيو ويندو آهي ۽ الله‬
‫َ‬
‫سلب ِ ّيہ چيو ويندو‬
‫َ‬ ‫تعالي ٰ ۾ نقص ۽ محتاجيءَ واري ڪ ا به صفت ناهي‪ ،‬انهن کي صفات‬
‫آهي‪.‬‬

‫صفات ثُبوتي ہ‪:‬‬


‫تعالي وٽ ڪمال ۽ جمال جون سڀئي صفتون لمحدود پيماني تي موجود آهن‪ ،‬انڪري‬
‫ٰ‬ ‫الله‬
‫کيس ” الله“ يعني سڀني ڪمالن جو مال ڪ چيو وڃي ٿو‪ .‬اِنهن مان مشهور ا َٺ صفتون‬
‫آهن‪:‬‬

‫(‪)1‬قديم‪:‬‬
‫وصف‪ :‬الله تعاليٰ زماني جي حد بندين کان مٿاهون آهي يعني ” زماني موجود ناهي “‪.‬‬
‫انڪري ازلي ۽ ابدي آهي ‪،‬اول ۽ آخر آهي‪.‬‬
‫دليل‪ :‬الله تعالى جيئن ته پهريون موجود آهي ۽ زمانو سندس ئي مخلوق آهي‪ ،‬انڪري زماني‬
‫جي حدبندين کان مٿاهون آهي‪.‬‬
‫(‪)2‬قادر‪:‬‬
‫وصف‪ :‬الله تعاليٰ هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو يعني چاهي ته ڪري چاهي ته نه ڪري‬
‫‪.‬‬
‫دليل‪ :‬الله کانسواءِ هر شيءِ سندس مخلوق آهي ۽۽ هر خالق پنهنجي مخلوق تي‬
‫هرطرح جي قدرت رکندو آهي‪.‬‬
‫(‪)3‬عالِم‪:‬‬
‫وصف‪ :‬الله تعاليٰ هر شيءِ کي ڄاڻي ٿو يعني هر شيءِ هن وٽ حاضر آهي ‪.‬‬
‫دليل‪ :‬الله کانسواء ِ هر شيء ِ سندس مخلوق آهي ۽ هر خالق پنهنجي مخلوق جي هر‬
‫شيءِ ڄاڻندو آهي‪.‬‬
‫ح ُّ‬
‫ي‪:‬‬ ‫(‪َ )4‬‬
‫وصف‪ “:‬الله تعالي ٰ حيات نالي ه ڪ ڪمال رکي ٿو‪ ،‬جنهن جي نشاني علم ۽ قدرت‬
‫آهي‪.‬‬
‫دليل‪ :‬سندس لمحدود علم ۽ قدرت سندس لمحدود حيات جي خبر ڏين ٿا‪.‬‬
‫ر ڪ‪:‬‬‫مد ۡ ِ‬‫(‪ُ )5‬‬
‫وصف‪:‬الله تعالي ٰ بغير ڪنهن وسيلي (مثل‪ :‬حواس خمسہ۽ وغيره) جي هر شيءِ کي درڪ‬
‫(معلوم) ڪري ٿويعني ڏسي ۽ ٻڌي ٿو‪.‬‬
‫دليل‪ :‬جيئن ته آواز ۽ رنگ الله جي مخلوق آهن ۽ هر خالق پنهنجي مخلوق جي هر‬
‫شيءِ ڄاڻندو آهي‪.‬‬
‫مريد‪:‬‬ ‫(‪ُ )6‬‬
‫وصف‪ :‬الله تعالي ٰ صرف پنهنجي ارادي سان ڪم ڪري ٿو يعني مجبور ناهي‪.‬‬
‫دليل‪ :‬الله کانسواءِ هر شيءِ سندس مخلوق آهي ۽ ڪا به مخلوق پنهنجي خالق تي ڪا‬
‫به قدرت نه رکندي آهي‪.‬‬

‫مت َ“ ڪَ“““ل ِّم‪:‬‬


‫(‪ُ )7‬‬
‫وصف‪ :‬الله تعالي ٰ جنهن به شيء ِ ذريعي چاهي مخلوق سان ڳالهائي سگھ ي ٿو يعني ان‬
‫شيءِ مان آواز پيدا ڪري سگھي ٿو‪.‬‬
‫دليل‪ :‬الله کانسواء ِ هر شيء ِ سندس مخلوق آهي ۽ هر خالق پنهنجي مخلوق تي هر‬
‫طرح جي قدرت رکندو آهي‪.‬‬
‫(‪)8‬صاِدق‪:‬‬
‫تعالي صرف سچ ۽ حقيقت ئي بيان ڪريٿو‪.‬‬
‫ٰ‬ ‫وصف‪ :‬الله‬
‫دليل‪ :‬ڪوڙ برائي يا محتاجيء َ جي نشاني آهي ۽ الله ۾ نه ئي ڪا برائي آهي نه وري‬
‫محتاجي‪.‬‬

‫سل ہب ِ َّ۽ي۽۽‬
‫صفات َ‬
‫سبحان“ چيو ٿو وڃي‪،‬‬ ‫الله تعاليٰ ۾ عيب ۽ نقص واري ڪا به صفت ناهي‪ ،‬انڪري کيس ” ُ‬
‫يعني هر عيب ۽ نقص کان ” پا ڪ“ ‪ .‬جن صفتن کان الله پاڪ آهي انهن مان مشهور اٺ‬
‫َ‬
‫آهن‪.‬‬
‫ڪب ناهي‪:‬‬ ‫َ‬ ‫مَر ّ‬‫(‪ُ )1‬‬
‫وصف‪:‬‬
‫” الله تعاليٰ جي ذات ڪجھه جزن سان ملي ٺهيل ناهي‪“ .‬‬
‫دليل‪:‬‬
‫جيڪڏهن هن جي ذات جا جز(حصا) هجن ته پوٰء ِ هو انهن جو محتاج ٿيندو‪ ،‬محتاجي هڪ‬
‫تعالي هر نقص کان پاڪ آهي ‪.‬‬
‫ٰ‬ ‫نقص آهي ۽ الله‬
‫سم ناهي‪:‬‬ ‫ج َّ‬ ‫م َ‬‫(‪ُ )2‬‬
‫وصف‪:‬‬
‫ٰ‬
‫تعالي جسم (‪ )Body‬نٿو رکي‪“ .‬‬ ‫” الله‬
‫دليل‪:‬‬
‫جيئن ته جسم مخلوق آهي‪ ،‬مرڪب‪ ،‬محدود ۽ تبديل ٿيندڙ آهي ۽ اهي سڀ نقص آهن‬
‫جڏهن ته الله تعاليٰ هر نقص کان پاڪ آهي‪.‬‬
‫مر ۡئِي ناهي‪:‬‬ ‫(‪َ )3‬‬
‫وصف‪:‬‬
‫” الله تعالي ٰ کي اکين سان هر گز نٿو ڏسي سگھجي‪ ،‬نه دنيا۾ ۽ نه ئي آخرت ۾‪“ .‬‬
‫دليل‪:‬‬
‫جيئن ته اکين ذريعي اهائي شيءِ ڏس ڻ ۾ ايندي آهي جيڪ ا مجسم ۽ محدود هجي ۽‬
‫روشني ان سان ٽڪرائجي اکين تائين موٽي‪ .‬الله تعاليٰ مجسم ۽ محدود ناهي‪ ،‬انڪري‬
‫مرئي به ناهي‪.‬‬‫َ‬
‫(‪)4‬هن جو شري ڪ ناهي‪:‬‬
‫وصف‪:‬‬
‫” الله تعاليٰ جهڙو ٻيو ڪو به ناهي‪ ،‬نه ئي وري ٿي سگھي ٿو‪“ .‬‬
‫دليل‪:‬‬
‫هن جي وضاحت الله تعالي ٰ جي توحيد واري بحث۾ ايندي‪.‬‬

‫(‪)5‬م ڪان نٿو رکي‪:‬‬


‫وصف‪:‬‬
‫تعالي جيئن زماني (‪ )Time‬جي حد بندين کان مٿاهون آهي‪ ،‬ائين ئي مڪان (‬‫ٰ‬ ‫” الله‬
‫‪ )Place‬جي ضرورت کان به پاڪ آهي‪“ .‬‬
‫دليل‪:‬‬
‫مڪان جي ضرورت ان موجود کي ٿئي ٿي‪ ،‬جيڪ و مجسم هجي‪ ،‬الله تعالي ٰ جيئن ته‬
‫مجسم ناهي انڪري ”لم ڪان“ آهي‪.‬‬
‫ل حوادث ناهي‪:‬‬ ‫مح ۡ ِ‬‫(‪َ )6‬‬
‫الله تعالي ٰ اهڙو موجود ناهي جنهن۾ تبديليون (حوادث) اچن‪.‬‬
‫تبديلي جيڪڏهن ڪنهن ڪامل موجود ۾ ايندي ته انکي ناقص ڪندي پر جيڪڏهن ناقص‬
‫موجود ۾ ايندي ته يا ته انکي وڌيڪ ناقص ڪندي يا ڪامل ڪندس‪ .‬جڏهن ته الله ۾ ڪو‬
‫به نقص ناهي جو انکي ڪمال ملي‪ ،‬نه ئي وري سندس ڪ و ڪمال اهڙ و آهي جيڪو‬
‫ختم ٿي سگھي‪ .‬انڪري الله تعاليٰ جي ذات ۾ ڪابه تبديلي ۽ نواڻ نٿي اچي‪.‬‬
‫حلُول نٿو ڪري‪:‬‬ ‫(‪ُ )7‬‬
‫وصف‪ :‬الله تعالي ٰ ڪ نهن به شيءِ۾ سمائجي نٿو‪.‬‬
‫دليل‪ :‬جيڪا شيءِ جنهن شيءِ ۾ سمائبي ته انجي محتاج ٿي پوندي ۽ الله محتاج ناهي‬
‫‪.‬‬
‫(‪)8‬صفتن ۽ ذات ۾ ٻيائي ناهي‪:‬‬
‫وصف‪ :‬الله تعاليٰ جون صفا ِ‬
‫ت ذات (قديم‪ ،‬قادر‪ ،‬عالم‪ ،‬حي ۽ مريد ) ۽ الله جي ذات ٻه‬
‫شيون نه آهن هڪ ئي شيءِ آهي يعني صفتون هن جي عين ذات آهن‪.‬‬
‫دليل‪ :‬ڇو ته پوء ِ الله مرڪ ب ٿي پوندو ۽ الله مرڪب ناهي‪ .‬ان جو تفصيل توحيد جي‬
‫بحث۾ ايندو‪.‬‬

Vous aimerez peut-être aussi